شيخ، دين محمد

شيخ، دين محمد

دين محمد شيخ 1

دين محمد شيخ 1: ماهر قانون شيخ دين محمد، 2 ڊسمبر 1886ع تي گوجرانوالا، پنجاب ۾ جنم ورتو. هن بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ بعد 1907ع ۾ ايم. اي ۽ 1910ع ۾ بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي. 1926ع کان 1933ع تائين پنجاب ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر رهيو. 1934ع ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل جج ۽ 1937ع ۾ مستقل جج مقرر ٿيو. پاڪستان جي قيام کان اڳ ريڊڪلف بائونڊري ڪميشن جو ميمبر به رهيو. اپريل 1947ع ۾ بهاولپور رياست ۾ چيف جسٽس جي عهدي تي مقرر رهيو. سنڌ جي گورنر سر غلام حسين هدايت الله جي وفات بعد 7 آڪٽوبر 1948ع تي سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو، جنهن عهدي تي 18 نومبر 1952ع تائين رهيو. کيس ڊسمبر 1955ع ۾ ڪشمير بابت حڪومت پاڪستان جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو. هن 31 جنوري 1965ع تي وفات ڪئي. کيس گوجرانوالا جي گودڙي پير قبرستان ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1886.12.02  عيسوي

ماهر قانون شيخ دين محمد، 2 ڊسمبر 1886ع تي گوجرانوالا، پنجاب ۾ جنم ورتو.


1965.01.31  عيسوي

شيخ، دين محمد 31 جنوري 1965ع تي وفات ڪئي. کيس گوجرانوالا جي گودڙي پير قبرستان ۾ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارجن داس
عبدالقادر ملڪاڻي
ابڙو احمد خان شيدا
شاهه وسائو
رمضان سخيراڻي
حفيظ شيخ
جان نثار خان
عبدالفتاح ميمڻ 2
امير علي شاهه
ابو دائود امام
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون